22/07/2025
يارهن چوڻيون: سڀ کان اهم آخرِي آهي لازمِي پڙهجو:
آئرش چوڻي 🇮🇪:
کُوھَ ۾ ٿُڪ نه اڇلايو ٿِي سگهي توهان ڪڏهن اُن مان پاڻي پيئو,
2. فرانسیسي چوڻي 🇨🇵:
پنهنجو پیار پنهنجِي گهروارِيءَ کي ڏيو ۽ پنهنجو رازُ پنهنجي امڙِ کي,
3. اطالوي چوڻِي 🇮🇹:
پیار ۽ خوشبوءِ کي لڪائي نه ٿو سگهجي,
4. سوئس چوڻي 🇨🇭:
جڏهن ماڻهوءَ جو پيٽ ڀرجِي ويندو آهي ته اُن کي مانِيءَ جو ذائقو محسوس ناهي ٿيندو,
5. اسڪاٽش چوڻي 🏴:
اگر توکي مسڪرائڻ نه ٿو اچي ته پوءِ هرگز دُڪان نه کولجان,
6. هسپانوي چوڻي 🇪🇦:
پیار جيڪو تحفن تي پلبو آهي، ھمیشه بُکيو رهندو آهي,
7. جاپاني چوڻي 🇯🇵:
خدا پکيُن کي به رزق ڏيندو آهي مگر ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي اُڏامڻو پوندو آهي,
8.ڊچ چوڻِي 🇳🇱:
پیار ان وقت تائين رهندو آهي جيسيتائين پئسو رهندو آهي,
9. انڊونیشي چوڻي 🇮🇩:
جيڪو پنهنجي دوست کي قرض ڏيندو آهي اُهو ٻنِهي کي وڃائيندو آهي,
10. بیلجیئن چوڻِي 🇧🇪:
جيڪو شخص خوبصورت عورت سان شادي ڪندو آهي ان کي ٻن اکيُن کان وڌيڪ اکين جِي ضرورت هوندِي آهي,
11: پاڪستاني چوڻي 🇵🇰
نچڻ واريُن جا پُٽ ڪڏهن به آزاديءَ جِي جنگ نه ٿا وڙهي سگهن....!
معزرت سان ناراض نه ٿجو... 🙏